راشد محمود سومرو پاران اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچرز رکڻ ۽ ثقافتي پروگرامن جي سخت مخالفت

0
186

لاڙڪاڻو: جي يو آءِ سنڌ اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي تي اعتراض واري ڇڏيو، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر جي ڀرتين واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي.

راشد محمود سومرو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ حڪمران اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن يا اولهه جي پرچار ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته تعليم کاتو سنڌ ۾ قرآن ٽيچر، عربي ٽيچر ۽ اسلاميات ٽيچرز جون ڀرتيون روڪي ميوزڪ ٽيچرس جون ڀرتيون ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل قابلِ قبول ناهي.

جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته آئون پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار تي زور ڀري ته جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي نه ٿين.هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت رد عمل ڏينداسين،

راشد محمود سومرو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جي به مخالفت ڪندي چيو آهي ته پروگرامن ۾ سازش تحت نياڻين کي ڊانس ڪرائي وڃي ٿي، اِها سنڌ ۽ اسلام جي نه پر مغرب جي تهذيب ۽ ثقافت آهي. راشد محمود سومرو چيو ته اسان اسلام ۽ سنڌ جي تهذيب توڙي ثقافت سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، ميوزڪ ٽيچر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. واضح رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ميوزڪ جي سکيا لاءِ تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here