دبئي ۾ گرفتاري واري خبرن تي اداڪاره عارفي جاويد خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0
144

بالي ووڊ اداڪاره عارفي جاويد گذريل ڏينهن دبئي ۾ گرفتاري جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته عارفي جاويد گڏيل عرب امارات ۾ شوٽنگ ڪرڻ لاءِ وئي هئي پر دبئي پوليس کيس فحش لباس ۾ شوٽنگ ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو.

رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو هو ته عارفي کي ڀارت واپس وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندس پاسپورٽ ضبط ڪري سگهجي ٿو، پر هاڻ اداڪارا ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي انهن سمورين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

زوم انٽرٽينمينٽ جي هڪ رپورٽ موجب عارفي دبئي پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس منهنجي شوٽنگ روڪڻ لاءِ آئي هئي ڇاڪاڻ ته کين هنڌ بابت مسئلو هو.

اداڪاره جو چوڻ هو ته جتي اسان شوٽنگ ڪري رهيا هئاسين اتي اسان کي مقرر وقت تي ڪم ختم ڪرڻو هو، جيڪو نه ڪري سگهياسين، ڇاڪاڻ ته اها عوامي جڳهه هئي، پوليس اتي پهتي ۽ اسان کي وڃڻو پيو. ”ان جو منهنجي ڪپڙن سان بلڪل به ڪو واسطو نه هو، اسان باقي شوٽ ٻئي ڏينهن رڪارڊ ڪيو، سو سڀ ڪجهه ٺيڪ هو،“

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here