ڪراچي ۾ پوليس بيوس،شهري پاڻ ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لڳا،ٻه ڦورو مارجي ويا

0
105

ڪراچي ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ واڌ کان تنگ اچي شهرين ڦورن کي پاڻمرادو منهن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 جي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد خليل مارڪيٽ ۾ 2 ڌاڙيل دڪان ۾ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته اتي موجود شهرين کين گھيرو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن سبب هڪ ڏوهاري موقعي تي ئي مارجي ويو. ٻئي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، شهرين ڦورن جي موٽرسائيڪل کي به باهه ڏئي ڇڏي

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني پستول هٿ ڪري ورتو

ٻئي طرف شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوهر بلاڪ 13 وٽ ڦر دوران فائرنگ ۾ هڪ شهري زخمي ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

زخمي شهري ۽ مارجي ويل ڦورو کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي شهري ۽ سندس دوست مبينا ڦورو جي سڃاڻپ ڪئي، مارجي ويل ڦورو جا وارث به جناح اسپتال پهچي ويا، جوابدار جي سڃاڻپ زبير طور ٿي آهي، جيڪو پهلوان ڳوٺ جو رهواسي هو.

پوليس موجب، مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here