حڪومت ۽ پوليس عدليه تي ھٿياربند گروپن جي تشدد حملن جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ لاءِ ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
272

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو گذريل ڏينهن حڪومت ۾ شامل پارٽين جي اجلاس جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو، اعليٰ اختيارين پاران گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا گهرو وزارت وزيراعظم کي موڪليندي

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ۾ گهرو وزارت، پوليس ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر به شامل هوندا

جي آءِ ٽي جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ پوليس تي تشدد جي جاچ ڪندي ۽ 7 ڏينهن اندر جاچ رپورٽ پيش ڪندي

جاچ دوران پيٽرول بم حملن، پابندي مڙهيل تنظيمن جي تربيت يافته ويڙهاڪن ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙڻ، پٿراءُ، موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي ساڙڻ بابت حقيقتون گڏ ڪيون وينديون

جي آءِ ٽي پاران اهو به طئي ڪيو ويندو ته پوليس تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ڪنهن فائر ڪيا ۽ ڪنهن فراهم ڪيا، جي آءِ ٽي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ رياستي ادارن خلاف تشدد کي اڀاريندڙ ذميوارن جي به نشاندهي ڪندي حڪومت جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪندي، ذريعن موجب جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ ڀڃ ڊاهه، باهه، حڪومت ۾ مداخلت ۽ تشدد جا حصا شامل هوندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here