مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون:ناصرحسين شاهه

0
131

ڪراچي، صوبائي وزير ناصر حسين شاه جماعت اسلامي کي يقين ڏياريندي چيو ته مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون

جماعت اسلامي جي ڌرڻي بعد سنڌ حڪومت 15جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي يقين ڏياري ڇڏي آهي

جماعت اسلامي کي وڏي وزير هائوس آڏو ڌرڻو ڏيڻو هو پر ويجهو واري هوٽل ۾ نيوز ليند ڪرڪيٽ ٽيم ترسيل هو جنهن سبب ڳالهين بعد صدر روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي بعد صوبائي وزير ناصر حسين شاه پهچي جماعت اسلامي جي قيادت کي 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي يقين ڏياري

ان موقعي تي صوبائي وزير چيو بي فڪر رهو پيپلز پارٽي به مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي  

جماعت اسلامي ڪراچي جي سربراه حافظ نعيم الحمان چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري مڪاني چونڊن بابت جيڪي به ترميم ڪرڻا آهن جلدي پورا ڪيا وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here