سعودي فرمانروا شاهه سلمان ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني

0
195

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني صدر جي سياسي معاملن بابت ڊپٽي چيف آف اسٽاف محمد جمشيدي ٽوئيٽ ڪيو ته سعودي فرمانروا شاهه سلمان ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي رياض جي دعوت ڏني آهي

هن چيو ته سعودي فرمانروا ايراني صدر کي خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪئي آهي

محمد جمشيدي جو چوڻ هو ته شاهه سلمان ايران-سعودي مضبوط اقتصادي ۽ علائقائي سهڪار تي زور ڏنو هن چيو ته ايراني صدر رئيسي سعودي فرمانروا جي دعوت جي آجيان ڪئي ۽ ايران کي چيو آهي ته هو سعودي عرب سان سهڪار وڌائڻ لاءِ تيار رهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here