آمريڪا پاڪستان جي ايٽمي پروگرام مان مطمئن آهي: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سربراهه

0
61
8 / 100

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪوريلا هائوس جي آرمڊ سروسز ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هن وقت بجيٽ، معاشي مسئلن ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي

جنرل مائيڪل ڪوريلا چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي چئلينج کي به منهن ڏئي رهيو آهي، سيز فائر ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ پابندي پيل تنظيم ٽي ٽي پي جا حملا وڌي رهيا آهن

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان جي ايٽمي پروگرام مان مطمئن آهي ۽ اسان کي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي سيڪيورٽي طريقيڪار تي اعتماد آهي آمريڪي آرمي چيف جنرل مائيڪل اي ڪوريلا اهو به چيو ته سندس پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سٺا لاڳاپا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here