حڪومت پاران ادارن ۽ ڪمپنين کي شهرين جي ڊيٽا استعمال جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

0
98

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاڪستان سنگل ونڊو تحت حاصل ٿيندڙ ڊيٽا ۽ انگ اکر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان رولز به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

روينيو ڊويزن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت ۽ راءِ لاءِ پاڪستان سنگل ونڊو ٽريڊ ڊيٽا ڊسيمينيشن، ايڪسچينج اينڊ يوٽيلائيزيشن رولز 2022 جو مسودو تيار ۽ جاري ڪيو آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي چيو ويو آهي ته اهي تجويز ڪيل رولز جي حوالي سان 15 ڏينهن اندر پنهنجا اعتراض ۽ تجويزون جمع ڪرائين.

روينيو ڊويزن پاران جاري ڪيل رولز واري مسودي ۾ چيو ويو آهي ته هي ضابطا پاڪستان سنگل ونڊو سسٽم سان لاڳاپيل سمورن فردن، ادارن، سرڪاري کاتن ۽ ٻين سڀني سرڪاري ۽ خانگي ڪمپنين ۽ تنظيمن تي لاڳو ٿيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here