باجوه  جا عمران خان  تي تمام گهڻا احسان آهن،احسان فراموشي نه ڪئي وڃي، هاڻي اسان ڳالهائينداسين: چوڌري پرويز الاهي

0
94

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي  چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه  جا عمران خان  تي تمام گهڻا احسان آهن ،احسان فراموشي نه ڪئي وڃي

لاهور۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي پرويز الاهي  جو چوڻ آهي ته عمران خان جنرل باجوه خلاف ڳالهيون ڪري رهيو  هو ته هن کي تمام گهڻو  برو لڳو

هن چيو ته جنرل باجوه اسان جو محسن آهي، محسنن خلاف ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته جنرل باجوه خلاف هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ڪئي وئي پهريان مان ڳالهائيندس  ۽ منهنجي سڄي پارٽي ڳالهائيندي ،اسان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف ناهيون،اسان ساٿي آهيون  پر پنهنجي محسنن کي وساري نه ٿا سگهون

پنجاب جي نوڏي وزير چيو ته جنرل رٽائرڊ فيض حميد وڏيون زيادتيون ڪيون اسان کي اندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،اهو سندن خلاف هو ،عمران خان ته مونس الاهي کي به گڏ نه ويهاريندو  هو ،ان باوجود اسان عمران خان جو ساٿ ڏنو ، جڏهن  عمران خان چيو اسيمبلي ٽوڙيو ته هنن فورن حامي ڀري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here