حڪومت معاشي بهتري لاءِ وڏا قدم کڻي وڃي رهي آهي:وفاقي وزير مفتاح اسماعيل

0
160

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4سالن دوران مهانگائي، بي روزگاري، قرض ۽ خساري۾ اضافو ٿيو،“اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي، عمران خان جو دور ملڪ کي ڪرپشن جي ور چڙهي ويو هو.وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته سمورين حڪومتن 71 ورهين دوران 25 هزار ارب رپيا قرض ورتو، نوازليگ 2 هزار ارب رپيا قرض وٺندي هئي، پر عمران سرڪار ساڍا 4 هزار ارب رپيا ساليانو قرض وٺندو رهيو. عمران خان 6 سيڪڙو گروٿ نه ڏني نه ئي شيون سستيون ڪيون.مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان ۽ بوذدار ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪيا رڳيون تختيون لڳايون آهن.عمران خان ساليانو قرض 900سيڪڙو وڌائي ڇڏيو، جنهن سبب اڄ ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 35 لک ٻار مفلسي واري زندگي گهاري رهيا آهن.مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان معيشت تي بارودي سرنگهه لڳائي ويو آهي، حڪومت معاشي بهتري لاءِ وڏا قدم کڻي وڃي رهي آهي…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here