صورتحال 2010 وارو ٻوڏ کان وڌيڪ خراب آهي، عالمي ادارا مدد ڪن، سنڌ ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي، برسات سبب فوتين جو انگ گذريل ڏينهن تائين 177 هو،“ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ بحراني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سنڌ سرڪار برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، برساتن دوران ڪوتاهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪنڌرا ۾ زخمين جو علاج نه ٿيڻ غفلت آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، وزيراعظم موسم جي خرابي سبب سنڌ جو دورو ملتوي ڪيو، وڏي وزير پاران سکر بئراج جو به دورو، وفاقي وزير خورشيد شاهه به وڏي وزير سان گڏ سکر بئراج پهچي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو