سنڌ ۾ برساتن هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا، ڇتيون ڪرڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران 53 ڄڻا فوت

0
80

سنڌ ۾ برساتن هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا، ڇتيون ڪرڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران 53 ڄڻا فوت، هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي، احمدپور ڀرسان ڳوٺ وڏا پنهيار ۾ مسجد ۾ پناهه ورتل ماڻهن تي ڇِت ڪري پئي، 8 ڄڻا دٻجي فوت، 30 زخمي ٿي پيا، 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي، لکي غلام شاهه ڀرسان ڳوٺ بخشڻ پهوڙ ۾ گهر جي ڇِت ڪري وئي، هڪ ئي گهر جا 5 ڄڻا دٻجي حياتيون وڃائي ويٺا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، قمبر ڀرسان ڳوٺ قائم خان شيخ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت ٻن ڌيئرن سميت دٻجي فوت ٿي ويون، ٿرڙي محبت ۾ گهر ڊهي پوڻ سبب هڪ ڄڻو مختيار ڪانڌڙو فوت ٿي ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here