پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ٿوري دير ۾ ٿيندي، ميمبر پنجاب اسيمبلي پهچي ويا

0
123

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي، چوڌري پرويز الاهي ۽ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي پهچي ويا، مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن کي بس ذريعي اسيمبلي پهچايو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين گروپ جي عليم خان چيو آهي ته عثمان بزدار کي وڏو وزير بڻائڻ واري فيصلي سان پي ٽي آءِ کي برداشت نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهتو آهي، پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر تي ڪنهن ٻئي پاسي کان هدايتون وٺڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو، پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته هُو وقت اچڻ تي ٻڌائيندا ته اسپيڪر ڪٿان هدايتون وٺي رهيو آهي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ ئي ٿيندي ۽ چونڊن جو نتيجو به اڄ ئي ايندو پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري چيو آهي ته اسيمبلي ضابطن موجب هُو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ڪرائيندو، صاف شفاف چونڊون ٿينديون ۽ هُو معاملي کي التوا ۾ وڃڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اسيمبلي جو ماحول خراب ڪرڻو آهي ته پوءِ هُو دٻاءُ وجهندو، سڪيورٽي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ حمزه شهباز کان پئسا وٺڻ جو ثبوت آهن ته اهو سامهون آڻي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here