سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي پاران اميدوارن  کي نظرانداز ڪرڻ خلاف اسسٽنٽ  ايڊووڪيٽ جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت

0
44

عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 28 مارچ  تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته  چاھيون ٿا ته جيئن ٻين کي آرڊر ڏنا ويا آهن تيئن اسان کي به  ڏنا وڃن، تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري  پنھنجي علائقي جي ھارڊ ايرياز اميدوارن کي آرڊرز ڏنا آھن، ھڪ سنڌ ۾ ٻٽي پاليسي خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويو آهي

درخواستگذار موجب 20 ھزار کان وڌيڪ اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، عدالتي پابندي باوجود تعليم کاتي پاران من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون

درخواست ۾ چيو ويو ته  33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ھارڊ ايرياز جو جواز ڄاڻائي نظرانداز ڪيو ويو عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 28 مارچ  تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here