عمران جي ضد تي چونڊون نه ٿينديون، گهٽ وسيلن سبب ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ وقت لڳندو: بلاول

0
138

سيتا روڊ: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر عمران کي اسيمبلي ۾ واپسي جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي ضد تي وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون، شاهه محمود قريشي جهڙا ماڻهو استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ٻوڏ دوران به اسانجا مخالف لانگ مارچ ڪندا رهيا، عمران خان جي سياست سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي، گهٽ وسيلن سبب ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ وقت لڳندو،

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 2010ع جي ٻوڏ ڏٺي پر 2022ع جي برساتي ٻوڏ گهڻو ڪجهه تباهه ڪري وئي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب وڏي تباهي آئي، موسمياتي تبديلي سبب ٿيل تباهي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو، ٻوڏ سبب ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا.

هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا پاڻي بيٺل آهي، آبادگارن جا فصل تباهه ٿي ويا، ماڻهو سخت تڪليف ۾ آهن، اسان کي احساس آهي، کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، بلاول ڀٽو عمران خان تي نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران دنيا پاڪستان جو ساٿ ڏنو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آمريڪا ۽ ورلڊ بينڪ پاران رليف پيڪيج فراهم ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون، فوج به ٻوڏ دوران مدد ڪئي، هڪ طرف سڄي دنيا پاڪستان سان مشڪل گهڙي ۾ گڏ بيٺل هئي ته ٻئي پاسي اسانجو سياسي مخالف لانگ مارچ ڪندو رهيو، جي ٽي روڊ جي سياست هلندي رهي، جيڪڏهن هي اسان جي مدد نه پئي ڪري سگهيا ته گهٽ ۾ گهٽ عوام جي مدد ڪن ها.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جڏهن ڪورونا آيو ته اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ۽ حڪومت جو ساٿ ڏنو وزيراعظم کي چيو قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون پر اڄ جڏهن اسان اقتدار ۾ آهيون ۽ قدرتي آفت آئي آهي ته اسانجي اپوزيشن مدد بدران سياست ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، اسان پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، وسيلا گهٽ آهن، ان ڪري وقت لڳندو پر ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪئي ويندي، متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، ٻوڏ متاثرن لاءِ ورلڊ بينڪ کان امداد منظور ڪرائي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي ضد تي وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون، شاهه محمود جهڙا ماڻهو استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، عمران جڏهن به لانگ مارچ ڪيو، ناڪام ويو، عمران جي سياست سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي.

دهشتگردي جي حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي خلاف اسان سدائين اثرائتا قدم کنيا آهن، عمران دهشتگردي خلاف کٽيل جنگ ۾ پوئتي ڌڪيو، هن ٽي وي تي بيان ڏنو ته طالبان کي ڇڏي ڏنو آهي، ڪي پي ڪي ۾ معاملن کي ڳجهو رکيو ويو، ڪي پي ڪي ۾ هنن جا ماڻهو طالبان کي ڀتو ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ اسان دهشتگردن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي ادارا سرگرم آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here