ملتان ڪوئيٽا کي 117 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

0
123

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن جي 25 هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 117 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي پي ايس ايل ۾ رنسن جي حوالي سان سڀ کان وڏي ڪاميابي جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 245 رنسون ٺاهي ورتيون. محمد رضوان 84، رلي روسو 26 بالن تي 71 رنسون ۽ شان مسعود 57 رنسن جي اننگ کيڏي نمايان رهيا

ڪوئيٽا طرفان محمد عرفان، نسيم شاهه ۽ غلام مدثر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم 15.5 اوورن ۾ 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي. عمر اڪمل 50 ۽ جيسن رواءِ 38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا

ملتان سلطانز طرفان آصف آفريدي، ڊيوڊ ويلي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ خوشدل شاهه 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. رلي روسو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here