عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور

0
113

اڳوڻي وزيراعظم  ۽ پاڪستان  تحريڪ انصاف  جي چيئرمين  عمران خان خلاف  فوجداري  ڪارروائي لاءِ  اليڪشن ڪميشن  جي درخواست منظور  ڪئي وئي آهي

 ڊسٽرڪٽ سيشن   عدالت اسلام آباد  ۾ ايڊيشنل  سيشن جج  ظفر اقبال توشه  خانه ڪيس  جو   لکت ۾ فيصلو  جاري ڪري ڇڏيو ، جنهن ۾  چيو ويو آهي ته عمران خان  طرفان اثاثن ۾  توشه خانه جا تحفا لڪايا آهن، بادي النظر ۾  عمران خان جو  جمع ڪرايل  ڊڪلريشن  غلط  آهي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  عمران خان  گوشوارن  ۾  تحفا  ۽ ان  جي وڪري  مان حاصل رقم  جا تفصيل به ظاهر ناهن ڪيا

ڊسٽرڪٽ سيشن   عدالت اسلام آباد  جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  عمران خان  اليڪشن ايڪٽ  جي شق 174  جي ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿيو

اڳوڻي وزيراعظم خلاف  شڪايت  باقاعده  ٻڌڻي لاءِ  منظور ڪئي وڃي ٿي

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  عمران خان 9 جنوري  تي ٽرائل  لاءِ ذاتي حيثيت  ۾ پيش  ٿئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here