نسيم شاهه راند سان گڏ اداڪاري به شروع ڪري رهيو آهي

0
103

پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ وقار يونس جي هڪ ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي اهو بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ته نسيم شاهه راند سان گڏ اداڪاري به شروع ڪري رهيو آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي

اڱاري ڏينهن وقار يونس هڪ ٽوئيٽ ۾ پنهنجي ۽ موجودا پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سڀ ڌيان ڏين ڪجهه وڏو اچي رهيو آهي، نسيم شاهه رڳو سٺو ڪرڪيٽر ئي نه پر تمام سٺو اداڪار پڻ آهي
وقار يونس پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ وڌيڪ تفصيل ته ناهي ڏنو پر ان ٽوئيٽ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارن مختلف تبصرن ذريعي صورتحال کي سمجهڻ ۽ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي

بسمه تصوير تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهو هڪ ٽيليويزن اشتهار آهي، پر مهرباني ڪري اسان جي ڇوڪري کي شوبز کان پري رکو
وقار يونس جي شيئر ڪيل تصوير تي تبصرو ڪندڙن جي اڪثريت نسيم شاهه جي اداڪاري واري آئيڊيا خلاف رهي ڪجهه واهپيدار اهڙا به هئا جن کيس ان شعبي ۾ به بالنگ جيان ڪامياب ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here