سڃاڻپ ڪارڊ ضروري هجڻ بابت ڪمشنر ڪراچي خاطري ڪرائي آهي : ڪامران ٽيسوري

0
89

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي  گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته  ڊجيٽل سينسز تي ڪمشنر بريفنگ ڏيندي خاطري ڪرائي آهي ته سينسز ۾ خامين کي ختم ڪيو ويندو

هن چيو ته ڊجيٽل  ڊيٽا ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ھجڻ ضروري آھي ۽ اھو نادرا سان ڪنيڪٽ ھجڻ ضروري آھي ، جيئن ماڻهو پاڻ رجسٽريشن جي تصديق ڪري سگھن

گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو پاڻ کي رجسٽر ڪرائين، جڏهن ته حڪومت جي رجسٽرڊ  ڊيٽا کانسواءِ ڪو فائدو نه ملندو هن  چيو ته  عوام کي گهرجي ته اهي ڊجيٽل آدمشماري بابت رجسٽريشن ڪرائي انھن جي تصديق به ڪن ۽ عملي سان تعاون ڪن ، جڏهن ته  گورنر ھائوس ۾ به سيل قائم ڪيون ويندو ته جيئن مسئلن جي حل ۽ شڪايت ۾ مدد ملي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here