اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه فيصل عاصمه بتول پوليس ساڻ ڪري شاهه فيصل ڪالوني ۾ گدام تي ڇاپو هڻي غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل اٽو ضبط ڪري ورتو
اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته اٽو وڪرو ڪرڻ لاءِ غيرقانوني طريقي سان گدام ۾ ذخيرو ڪيو ويو هو، جيڪو ڪارروائي ڪري ضبط ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته ضبط ڪيل اٽو سرڪاري اگهه تي شهرين کي فراهم ڪيو ويندو، رمضان المبارڪ ۾ جي ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن کي به ناجائز منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي