سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو بحران: ڪلو 160 رپيا تائين پهچي ويو

0
61

ڪراچي: سنڌ سوڌو ملڪ جَي اڪثر شهرن ۾ اَٽي جو بحران سنگين، في ڪلو اَٽي جو اگهه 150 کان 160 رپين تائين پهچي ويو،

هڪ مهيني دوران 20 ڪلو اَٽي جَي ٿيلهي جِي قيمت ۾ 700 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، شماريات کاتي به نئين سال جي پهرين هفتي کي مهانگائي جي طوفان وارو هفتو قرار ڏيندي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڪلو اَٽي جِي قيمت 150 رپين تائين وڃي پهتي آهي،

شهرين لاءِ هڪ هفتي ۾ اٽو 20 رپيا في ڪلو تائين مهانگو ٿيو، حيدرآباد ۾ اَٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2 هزار 880، سکر ۾ 2 هزار 700، لاڙڪاڻي ۾ 2 هزار 600، پشاور ۾ 2 هزار 650 ۽ ڪوئيٽا ۾ 2 هزار 700 رپين جَي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان ۽ بهاولپور ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو هڪ هزار 295 رپين ۾ ملي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here