وزيراعظم شهباز شريف سان آصف علي زرداري ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به غور ڪيو ويو
ملاقات ۾ پي ٽي اءِ طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي ۽ ٻين ڳالهين تي غور ڪيو ويو
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به وزيراعظم ۽ آصف زرداري ملاقات ڪئي هئي