عمران خان پاران هفتي اندراسيمبليون ٽوڙڻ جو امڪان

0
61

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ايندڙ هفتي اسيمبليون ٽوڙڻ بابت اهم اعلان ڪندو

ذريعن موجب عمران خان ايندڙ هفتي وڊيو لنڪ تي پي ٽي آءِ جي سڀني اسيمبلي ميمبرن سان خطاب ڪندو، جنهن لاءِ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جا اجلاس به طلب ڪيا ويا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس جمعي تي، جڏهن ته پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڇنڇر تي ٿيندو، عمران خان ٻنهي صوبائي پارلياماني پارٽين کي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اعتماد ۾ وٺندو، جڏهن ته عمران خان موجوده سياسي صورتحال ۾ پنهنجي حڪمت عملي سان ميمبرن کي آگاهه ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here