چونڊون  وقت تي ٿيون ته عمران جا سهولتڪار ڪنهن اداري ۾ نه رهندا:بلاول ڀٽو زرداري

0
63

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير  بلاول ڀٽو زرادري چيو آهي ته وقت سر چونڊن سان ادارن ۾ عمران خان جي سهولتڪار نه رهندا

لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته آمريت جو دروازو کُلي ۽ پردي پٺيان ڳٺ جوڙ ڪري هڪ ڀيرو وري وزيرعظم بڻجي

هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته خان صاحب جو پهريان اِهو ضد ۽ سازش هئي ته اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس سهولتڪارن جي موجودگي دوران چونڊون ٿين ۽ هو ڪامياب  ٿئي.

بلاول ڀٽو چيو ته اسٽيبلشمينٽ مان سندس سهولتڪار ته هليا وياپر ڪنهن ٻئي اداري ۾ شايد سندس سهولتڪار اڃا موجود هجن

پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ حڪومتون پنهنجو آئينو مدو پورو نه ڪري سگهيون هيون، اسان پارليامنٽ جو آئيني مدو يقيني بڻايو، 2007ع کان 2013ع وري 2018ع هاڻ 2023ع تائين پارليامنٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي

بلاول چيو ته جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته عمران خان جا سهولتڪار ڪنهن به اداري ۾ موجود ناهن رهندا، عمران خان کي ان ئي ڳالهه جي تڪليف آهي انڪري ڪوڙ، نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست ڪري رهيو آهي

هن چيو ته عمران هر قسم جا حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ٻوڏ،معاشي مسئلن ۽ بيروزگاري  باوجود عمران خان چاهي ٿو ته پارليامنٽ پنهنجو مدو پوري نه ڪري ۽ جهموري ترقي نه ٿي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here