حيدرآباد ويجهو اڪرم واهه ۾ ٻيڙِي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ڳوٺاڻو ٻڏي ويو

0
86

حيدرآباد ويجهو اڪرم واهه ۾ ٻيڙِي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ڳوٺاڻو ٻڏي ويو، جڏهن ته هڪ کي بچايو ويو آهي.هوسڙي ويجهو ڳوٺ ڦل شوريَ وٽ ٻيڙيِ اونڌي ٿيڻ ڪري حفيظ شورو ۽ ملوڪ شورو ٻڏي ويا، رڙيون ڪرڻ تي مقامي ماڻهن هڪ ڄڻي ملوڪ شورو کي بچائي ورتو.هوسڙي پوليس موجب هوسڙي وٽ ڳوٺ ڦل شورو جا رهواسي ٻيڙِي ذريعي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته اهڙو واقعو پيش آيو .پوليس موجب ٻيڙِي ۾ ٽيَ کان پنج ماڻهو سوار هئا، جن مان هڪ ڄڻي جي ٻڏي ويو آهي، جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.واقعي بابت هاڻي ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو آهي جنهن بعد اوڏانهن پيا وڃون: سب انسپيڪٽر امام الدين راهپوٽو پاران تصديق

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here