سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو انديشو، وڏي وزير پاران ڪڻڪ خريدڻ جي منظوري

0
74

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي لاءِ ڪڻڪ خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي

خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪڻڪ جي کوٽ جو ٻڌائيندي چيو ته صوبي ۾ ڏيڍ مهيني جي ڪڻڪ وڃي بچي آهي

صوبائي وزير چيو ته جنوري کان مارچ تائين سنڌ ۾ 3 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت پوندي وڏي وزير ڪڻڪ خريدڻ جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته خريداري ڪيو ته جيئن گهٽتائي نه ٿئي، مارچ جي شروعات ۾ صوبي ۾ نئين ڪڻڪ اچي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here