ورلڊ ڪپ سيمي فائنل:نيوزيلينڊ جي بيٽنگ جاري

0
104

ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جَي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ آمهون سامهون آهن. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهريان بيٽنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر ڪاميابي ماڻڻ لاءِ پرعزم آهن.قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان، محمد رضوان، شان مسعود، افتخار احمد، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل آهن.ٻئي ٽيمون هيل تائين ورلڊ ڪپ ۾ 6 ميچز کيڏي چڪيون آهن، جن مان پاڪستان 4 ۽ نيوزيلينڊ 2 ميچز کٽيون آهن، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 28 ٽي-20 ميچز ۾ به پاڪستان جو رڪارڊ بهتر آهي، 28 ٽي-ٽوئنٽي ميچز مان پاڪستان 17 ميچز ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني، جڏهن ته 11 ۾ نيوزيلينڊ ڪاميابي ماڻي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here