ڀارت جي هندو قومپرست رياست بڻجڻ جو خطرو آهي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

0
112

واشنگٽن: آمريڪا جي ڪانگريس ميمبر اينڊي ليوائن چيو آهي ته ڀارت سيڪيولر جمهوريت بدران هندو قومپرست رياست بڻجڻ جو خطرو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ڳالهائيندي اينڊي ليوين چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، هندن، عيسائين ۽ ٻين مذهبن جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ اينڊي ليوين ڪشمير جي حق ۾ بيان ڏنو هو ۽ چيو هو ته دنيا کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟

هن چيو هو ته هونئه ته ڪشمير خبرن ۾ ناهي پر هڪ مثال آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انساني حقن ۽ جمهوريت جي حوالي سان ڀارت کي غلط رستي تي وٺي وڃي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here