وزيراعظم شهبازشريف پاران بلوچستان ۾برسات متاثر علائقن جو دورو، متاثرن کي کاڌو فراهم نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار

0
173

وزيراعظم برسات دوران تباهه ٿيل گهرن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪري ڇڏيو، وزيراعظم پاران برسات ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن اندر ادا ڪرڻ جو حڪم، وزيراعظم شهبازشريف پاران بلوچستان ۾برسات متاثر علائقن جو دورو، قلعه سيف الله جي ڪيمپ ۾ متاثرن کي کاڌو فراهم نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيمپ ۾ هزارين متاثر ماڻهو موجود آهن، پر کين کاڌو فراهم ناهي ڪيو ويو، شڪايت تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو غفلت ڪندڙ عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو ته جنهن به علائقي ۾غفلت سامهون آئي ان ضلعي جو ڊي سي ۽ ٻيا آفيسر پاڻ کي معطل سمجهن، وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپس جو ڄار وڇائڻ جي هدايت، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چيلينج وڏو آهي پر پورو ڪنداسين، وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ آبادڪاري لاءِ پرعزم آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here