اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جا وڪيل علي ظفر ۽ بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا، اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو