راولپنڊي: تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي مارچ جو اڄ راولپنڊي ۾ جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پوري ملڪ مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي،
جلسي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شرڪت ڪري خطاب ڪندو.اقبال پارڪ ۾ تحريڪ انصاف ڪارڪن پرجوش، خيما بستي به قائم ڪئي وئي، انتظاميه فيض آباد ويجهو اسٽيج لڳائڻ جي اجازت کان انڪار ڪيو ته مرڪزي اسٽيج سڪسٿ روڊ فلائي اوور تي لڳائي وئي،
فيض آباد فلائي اوور تي پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، لانگ مارچ جي قافلن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، فيض آباد بس اڏي کي به سيل ڪيو ويو آهي، اڄ ميٽرو بس سروس به بند رهندي، ملتان مان قافلو شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ پهچي ويو، ٻين شهرن مان به مختلف اڳواڻن جي قيادت ۾ قافلا پهچي رهيا آهن.