ھاڻي نيب به نيازي سلطنت کي نٿي بچائي سگهي،شازيه عطا مري

0
121

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان باعزت طريقي سان استعيفيٰ ڏئي پر عمران خان جي قسمت ۾ ڪو به باوقار ڪم ناهي لکيل.شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ ڪامياب ٿي چڪي آهي.هن چيو ته نااھل وزيراعظم عمران خان لکين غريبن کي سندن گهرن جي ڇت کان محروم ڪيو ۽ ملڪ اندر مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪيو ويو.شازيه مري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو قول سچ ثابت ٿيو آهي ته جمھوريت بھترين انتقام آھي ۽ مخالف ڌر جو ھر قدم آئيني ۽ جمھوري آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here