پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي، ڏکئي وقت ۾ دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي:وزير اعظم شهباز شريف

0
67

ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي، ڏکئي وقت ۾ دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي،“ وزير اعظم شهباز شريف ازبڪستان ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي آئي، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا، لکين پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، 400 ٻارڙن سميت 14 سئو ماڻهو فوت ٿي ويا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، عالمي برادري پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچي، وزير اعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان ۾ امن جي ضمانت آهي، پاڪستان دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، افغانستان ۾ امن جو خطي تي مثبت اثر ٿيندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here