سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سائفر جي جاچ لاءِ داخل اپيلن جي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي اعتراضن خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون
ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سائفر جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، عدليا ڇو مداخلت ڪري؟ مبينا عالمي سازش ذريعي عمران جي حڪومت ختم ڪرڻ جي جاچ اُن وقت جي وزيراعظم چاهي ها ته پاڻ ڪرائي سگهي پيو، عدالت ٻڌي سڌي ته جاچ جو حڪم ڪيئن ڏئي سگهي ٿي، اسان افواهن تي يقين نٿا رکون
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل جي ايم چوڌري سان مڪالمو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ڀر ۾ پارليامنٽ جي عمارت قائم آهي، وڃو وڃي پارليامنٽ کي چئو هو اسانکي اختيار ڏين پوءِ اسان مداخلت ڪري سگهون ٿا، سڀ ٻڌل ڳالهيون آهن
ٻڌڻي دوران وڪيل جي ايم چوڌري پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري جو حوالو ڏنو جنهن ۾ تي جسٽس قاضي فائز چيو ته ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اختيار به حڪومت وٽ آهي، جنهن جو ڪم آهي ته اُن کي ڪرڻ کپي، ان سان مُلڪ اڳتي وڌندو بعد ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جي اعتراض برقرار رکي ۽ درخواستون رد ڪري ڇڏين