پرڏيهي وزير عالمي ادارن ۽ آءِ ايم ايف کان ملڪ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
112

ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي ٽن سالن ۾ گهر ٺاهي ڏينداسين، آءِ ايم ايف برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب شرطن ۾ نرمي ڪري ۽ متاثر علائقن کي سبسڊي ڏني وڃي

سندس چوڻ هو ته گهر مالڪن کي مالڪاڻا حق به ڏنا ويندا ته جئين اهي ان جي عيوض قرض کڻي روزگار به کولي سگهن،

پ پ چيئرمين چيو ته تاريخ ۾ پاڪساتن ۾ ڪڏهن به ايتري تباهي ناهي آئي هڪ فصل هيٽ ويئو ۽ ڏڪار سبب نه ٿيو، ٻيون فصل ٻوڏ تباهه ڪيو ۽ ٽيون فصل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پوکجي نه سگهيو ان ڪري زراعت ۽ معيشيت کي تمام وڏو نقصان پهتو آهي

بلاول ڀٽو چيو ته هو ڪامياب پرڏيهي پاليسي سبب اسين دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي مالياتي ادارن اميدن کان وڌيڪ مدد ڪئي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ جي بينڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر به سنڌ حڪومت کي ساراهيو آهي ته هڪ مهينو اڳ جنيوا ۾ ڪانفرنس ٿي ۽ هڪ مهيني جي ٿوري عرصي اندر ڊونرز کي  سنڌ حڪومت مختلف منصوبا جوڙي پيش ڪيا آهن، سندس چوڻ هو ته  سنڌ حڪومت وٽ سمورن مسئلن جي حل جي منصوبابندي موجود آهي ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊا.ريڪٽر ۽ يو اين ريزيڊنٽ ڪوآرڊينٽرجولين بارنيس جي موجودگي ۾ مخلتف ڊونرز ادارن سان گهرن جي اڏاوت ۽ ٻين منصوبن جي اڏاوت جي ٺاهن تي صححيون پڻ ڪيون ويون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here