سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جي ملاقات

0
127

سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،لوڊشيڊنگ سبب زرعي پيداوار کي نقصان پهتو آهي.وفاقي وزير خرم دستگير وڏي وزير کي يقين ڏياريندي چيو ته هو پهرين مرحلي ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو کي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي هدايت ڪندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا. ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ به بجلي جي مسئلي بابت وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو، وفاقي وزير خرم دستگير يقين ڏياريندي چيو ته اڄ کان ئي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي هدايت ڪري شهر ۾ بجلي جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here