وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چُڪي آهي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه

0
184

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڏيڍ سال کان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، ڪيس ۾ حاضري لڳائڻ لاءِ ڪراچي کان اچان ٿو.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عمران خان جي گهر وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم مطالبن جو پيپر ٺاهي آئي هئي، اسان کي ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي اعتراض ناهن.وڏي وزير چيو ته متحده جي مطالبن تي اعتراض ناهن، بلاول ڀٽو چيو ته متحده جا اهڙا مطالبا ناهن جن تي اعتراض هجي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بي اعتمادي رٿ پٺيان ڪروڙين پاڪستاني آهن، لانگ مارچ ۾ شرڪت جو فيصلو پارٽي ڪندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here