بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ سندن فرض آهي: شاهه محمود قريشي

0
115

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪٿي ٻاهرين سازش آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، وقت اچي ويو آهي ته اڄ نظريا ضرورت جو سهارو نه ورتو وڃي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪنهن سان تڪرار سندن مفاد ۾ ناهي، آمريڪا چاهي ٿو ته کين هر معاملي تي سپورٽ ڪيو وڦي، جيڪو آمريڪا جي لاءِ اهم آهي.هن چيو ته اڄ ٻيهر چوان ٿو ملندڙ ڊاڪيومينٽ تصديق ٿيل آهن، جيڪو واشنگٽن ۾ مقرر 22هين گريڊ جي آفيسر موڪليو، جيڪڏهن اپوزيشن کي هاڻي به خدشا آهن ته پاڪستاني سفير کي گھرائي ان ڪئميرا اجلاس گھرائي پڇيو وڃي.شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيندا، ڌمڪي ملڻ واري خط تي ان ڪئميرا اجلاس گھرايو وڃي.ايوان ۾ شاهه محمود روس جي معاملي تي آمريڪي سلامتي واري صلاحڪار کي فون جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته آمريڪي سلامتي واري صلاحڪار سڌي ريت چيو روس نه وڃو.شاهه محمود قريشي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مايوسي ٿي آهي پر ان کي قبول ڪن ٿا، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ سندن فرض آهي.سندس چوڻ هو ته متحده مخالف ڌر عدالت ۾ ڇو وئي ۽ سوموٽو ڇو ورتو ويو ان جو پس منظر، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي دوستن کي اعتراض هو، سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.شاهه محمود قريشي چيو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ اڄ شايد آخري ڏينهن هجي، تاريخ ڊرامو لکندڙن کي بي نقاب ڪندي ۽ تاريخدان جو قلم ظالم هوندو آهي ظالم کي معاف نه ڪندو آهي. اڄ پاڪستان تاريخ جي سنگين موڙ تي بيٺو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here