اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مليل تحفن جا تفصيل پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

0
98

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مليل تحفن جا تفصيل عام ڪرڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي.عدالت ٻڌڻي دوران ڏيهه توڙي پرڏيهه مان مليل تحفن جا تفصيل عام ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته گذريل 30 ورهين دوران مليل تحفن جا تفصيل منظر عام تي آندا وڃن.جسٽس ميان گل حسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته توشه خان مان ڪير تحفه گهر کڻي ويو آهي ته اهي واپس آندا وڃن ۽ اهڙي پاليسي ٺاهي وڃي جيڪو تحفو ايندو اهو قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو.جسٽس ميان گل حسن ٻاهر کان مليل سمورا تحفه توشه خانه ۾ نمائش ۾ رکيا وڃن.ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته کيس نيون هدايتون وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي اجازت ڏيندي چيو ته تيستائين انفارميشن ڪميشن جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here