جڏهن ميچ نه هجي: حارث رئوف جي پکين کي داڻو کارائڻ جي وڊيو وائرل

0
109

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي ڪبوترن کي داڻو کارائڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي حارث رئوف جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ فاسٽ بالر کي سمنڊ جي ڪناري تي ويٺل ڪبوترن کي داڻو کارائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حارث رئوف سمنڊ جي ڪناري تي پرسڪون انداز ۾ ويٺو آهي ۽ سندس چوڌاري ڪبوتر آهن، جن کي هو داڻو ڏئي ٿو. فاسٽ بالر جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، ان تي تبصرو ڪندي هڪ صارف حارث رئوف کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته جڏهن ميچ نه ٿيندي آهي ته مزاج اهڙو هوندو آهي.هڪ صارف لکيو ته حارث پکين کي ايئن داڻو وجهي رهيو آهي، جيئن ڀارت خلاف ميچ ۾ سوريا ڪمار ياديو کان بائونڊي کائي داڻو وڌو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here