انجلينا جولي گڏيل قومن جي خاص سفير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
80

اداڪارا انجلينا جولي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي خاص سفير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

آسڪر يافته آمريڪي اسٽار انجلينا جولي 2001 ۾ گڏيل قومن سان جڙي هئي ۽ کيس 2012 ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي خاص نمائندي طور مقرر ڪيو ويو هو

ٻن ڏهاڪن تائين گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان جنگ ۽ آفت سٽيل علائقن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ انجلينا جولي هاڻ پنهنجي ذميوارين تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي

ان حوالي سان گڏيل قومن ۽ انجلينا جولي هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي

اداڪارا پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان گڏيل قومن تحت 20 سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪيان ٿي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته مختلف طريقي سان ڪم ڪيان، مان پناهگيرن ۽ مقامي تنظيمن سان گڏ سڌي ريت ڪم ڪيان ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ سندن موقف کي اجاڳر ڪنديس

جنيوا ۾ قائم ايجنسي چيو ته انجلينا جولي اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، اسان سندس ڏهاڪن جي خدمتن جو اعتراف ڪيون ٿا ۽ سندس فيصلي جي تعريف ڪيون ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here