سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، روڊ رستا، گهر پاڻي پاڻي هيٺ، ڪيترائي گهر ڊهي پيا، متاثر رهواسي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، خانپور مهر ويجهو ڳوٺ رمضان لاشاري ۾ برسات کانپوءِ 20 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، برساتن يوسي اڪري جي اڪثر ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، ڳوٺ فقير غلام حسين شر، خان محمد شر، محمد خان، اقبال، حاجي پيروز ۽ ڳوٺ عمرالدين سميت مختلف ڳوٺن جا برسات متاثر ڳوٺاڻا گهرن ۾ برساتي پاڻي موجود هجڻ سبب دربدر بڻيل، ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ دڙي لنجواڻي ۾ سم نالو اوورٽاپ ٿيڻ سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، رهواسي پريشان، ڪنب ۽ ڀرپاسي 10 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ، برسات متاثرن جي حڪومت کي واهر جي اپيل، بدين ضلعي جي ساحلي پٽي مان گذرندڙ خطري جي علامت بڻيل ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ڪيترن ھنڌن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو، رهواسين جو ساھ مٺ ۾، علائقي ۾ خوف پکڙيل، ڀنگوبھڻ جي اڪثر ڳوٺن، روڊن رستن ۽ فصلن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل