سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ فوت

0
83

سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ فوت، ملڪي معيشت کي 10 ارب ڊالرز جو نقصان، سنڌ ۾ ٻيهر ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه تمام گهڻومتاثر ٿيا، ڪنڊياري ۾ زميندارا بند ٽٽي ويو، سانگهڙ ويجهو سم نالو ٽٽي پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جهڏي ڀرسان پراڻ ندي کي روڻيون، پاڻي جو وهڪرو بدين ڏانهن وڌڻ لڳو، ڪراچي، ڪوئيٽا، بولان ۽ جيڪب آباد قومي شاهراهه بند، بلوچستان ۾ بجلي جا ٽاور ڪرڻ سبب 27 گرڊ اسٽيشنز کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، ڪوئيٽا ۾ سخت لوڊشيڊنگ، بجلي، گيس ۽ موبائل فون جو سروس معطل ٿي وئي، شهري پريشانين ۾ وٺجي ويا، سوات، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، نوشهره ۽ چارسده ۾ ٻوڏ سبب تباهي، هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي پناهه لاءِ پشاور موٽر وي تي پهچي ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here