تيل جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ کاڄرو تيل مهانگو ٿي ويو

0
125

تيل جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ کاڄرو تيل مهانگو ٿي ويو، نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي.هڪ ڪلو واري گيهه جي قيمت ۾ 208 رپين تائين واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ في ڪلو 555 رپيا ٿي ويو. مختلف برانڊز جي کاڄري تيل جي في لٽر قيمت 213 رپيا وڌي ويئي، 605 رپيا في لٽر نئون اگهه مقرر ڪيو ويو آهي.وفاقي سرڪار ڀاڻ جي اگهه ۾ گهٽتائي جو به نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، ڀاڻ جي 50 ڪلو واري ٻوري جي قيمت هڪ هزار 768 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، فيصلو واپس وٺڻ بعد ڀاڻ پراڻي اگهه تي ملندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here