پوليس سان گڏ موجود اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم ڪرين ذريعي عمران خان جو در ٽوڙيو ۽ ڀت ڀڃي ڇڏي، رهائشگاهه ٻاهران موجود مورچن ۽ حددخلين کي به هٽايو ويو
پوليس آپريشن دوران تحريڪ انصاف جي 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو
عمران خان جي گهر اندران پوليس اهلڪارن تي فائرنگ به ڪئي وئي ۽ پيٽرول بم ۽ پٿر به اڇلايا ويا، جنهن سبب 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا
پوليس جي قيدي وين ۽ واٽر ڪينن به آپريشن جي موقعي تي موجود هئي، پوليس طرفان اسپيڪر ذريعي قلم 144 جو اعلان ڪيو ويو ۽ زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه جي ڀرپاسي موجود ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي
ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس آپريشن شروع ڪيو ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون
پوليس جو چوڻ هو ته زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه جي ڀرپاسي ڏنڊن سان ڪارڪن موجود هئا، اهي زمان پارڪ جي گرائونڊ ۽ عمران خان جي رهائشگاهه ڀرسان ڪئمپن ۾ موجود هئا
پوليس طرفان زمان پارڪ ۾ موجود ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي وئي، عمران خان جي رهائشگاهه تان پيٽرول بم ٺاهيندڙ بوتلون به برآمد ٿيون، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي رهائشگاهه مان ڪجهه رائفلون به برآمد ٿيون پوليس اختيارين موجب عمران خان جي رهائشگاهه تان وڌيڪ 5 ڪلاشنڪوف برآمد ٿيا آهن، جڏهن ته گوليون پڻ هٿ آيون آهن