سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي منظوري بعد 50 ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي
چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ 50 آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو
اجلاس نيو سيڪريٽريٽ منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ سيسي جي مختلف منصوبن ۾ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي
اڳوڻي خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نصرالله چانڊيو ،اڳوڻي ڊي ايف سي عرفان جوکيو خلاف اوپن انڪوائري جڏهن ته فوڊ انسپيڪٽر مختيار هيسباڻي ۽ ارشاد ڪلهوڙو خلاف ڪرپشن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي
حيدرآباد ۾ غيرقانوني تعميرات ۾ ملوث ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نويد عاصم خلاف جاچ شروع ڪئي وئي
ايس بي اي ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد عبدالحميد زرداري ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽرز حسين خان خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي ويندي