عارف علوي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
64

صدر عارف علوي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 هڪ تحت نوَ اپريل آچر جي ڏينهن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اسيمبلين چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي

ان حوالي سان صدر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين جي سيڪشن 57 ٻه تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪري، آئين تحت آئين جي تحفظ جو  دفاع جو حلف ورتو آهي

عارف علوي چيو ته چونڊن بابت عدالتي فورم طرفان ڪو به اسٽي آرڊر نه آهي، تنهنڪري 57 هڪ تحت اختيار جي استعمال ۾ ڪائي رنڊڪ نه آهي، آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير جي اجازت نٿو ڏي ياد رهي ته صدر چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مشاورت لاءِ خط به لکيو هو، پر اليڪشن ڪميشن صدر عارف علوي جي چونڊن جي تاريخ تي مشاورت جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here