اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه آمد

0
89

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال تي مفاهمت لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو آهي، هو مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿو ۽ ڪندو رهندو، ڀُٽي جو ڪارڪن آهي، پيسي جي سياست کي رد ڪري ٿو، هُو حمزه شهباز جا اتحادي آھن، پئسا ڇو لڳائيندو؟ پر جيڪڏهن حمزه شهباز جي جاءِ تي حسن مرتضيٰ اميدوار ھجي ھا ته شايد پوءِ پئسا لڳائي ها، پ پ ن ليگ سان ڄمي بيٺل آهي، حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير چونڊرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه آمد، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ، ذريعن موجب آصف علي زرداري چوڌري شجاعت کي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي، آصف علي زرداري سان بلاول هائوس لاهور ۾ حسن مرتضيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ پ پ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن جي به ملاقات، پ پ شريڪ چيئرمين گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار حمزه شهباز کي سپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here