سعودي جو پاڪستان جي ڊپازٽ 5 ارب تائين وڌائڻ تي غور: سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر ڪرڻ تي به راضي

0
95

سعودي عرب پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي اعلانيل سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ رٿابندي پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

سعودي خابرو اداري موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي نظرثاني جي هدايت ڪئي آهي. سعودي عرب ڊسمبر 2022 ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ موجود ڊپازٽ واري رقم جو وقت وڌايو هو، پرڏيهي خابرو اداري موجب ولي عهد محمد بن سلمان سعودي ڊولپمينٽ فنڊ کي پاڪستان جي سينٽرل بينڪ ۾ جمع ڪرايل ڪرايل رقم کي 5 ارب ڊالرن تائين واڌائڻ لاءِ جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

رپورٽن مطابق اهو اعلان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ تازن رابطن جي پسمنظر ۾ سامهون آيو آهي. ان حوالي سان سعودي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ڪاٿو 10 ارب ڊالر ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن لاءِ جمع رقم ۾ واڌ تي به غور ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته سعودي عرب گذريل سال پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here