ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

0
85

ڪي اليڪٽرڪ وضاحت ڪري ڇڏي، ترجمان جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ جو سلسلو عارضي طور وڌايو ويو آهي.شهر جي ناظم آباد، صدر، گڏاپ، سچل، سڦوران، نيو ڪراچي، ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ ۾ لوڊشيڊنگ سبب شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو.شهرين جو چوڻ آهي ته گرمي شروع ٿيندي ئي رمضان مهيني جي مبارڪ مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ رڪجي نه سگهي جنهن سبب روزيدار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ کان تقريبن 300 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ آهي.هن چيو ته رجسٽرڊ صارفين کي بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت ايس ايم ايس جي ذريعصي اطلاع ڏنو ويو آهي.ذريعن موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ رمضان مهيني دوران لوڊشيڊنگ جو سلسلو 8 کان 15 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here